لاهور:(م ڊ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت پسند ججن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي.رپورٽ موجب ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران نواز شريف چيو ته جمهوريت پسند ججن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي، حڪومت طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.مسلم ليگ ن عدليا بچايو تحريڪ ۾ پهريان به اهم ڪردار ادا ڪيو هو، هن هدايت ڪئي ته مسلم ليگ ن جا ميمبر اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس فوري طور تي گهرايو وڃي، عدليا تي حڪومتي حملا ناڪام بڻائڻ ۾ ڪنهن ڪمزوري جو مظاهرو نه ڪيو وڃي، پارٽي عدليا جي معزز ججن تي حڪومتي تهمتن جي پلندي کي بي نقاب ڪري ۽ ڀرپور مزاحمت ڪري.