عمر ڪوٽ (اين اين آءِ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ظلم اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو پر شهادت قبول ڪئي پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، بينظير ڀٽو ڊڪٽيٽر جي روڪڻ باوجود پاڪستان اچي جمهوريت لاءِ پنهنجي جان ڏني، اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت مستحڪم آهي، اسان ڪنهن جي ذات جي جمهوريت لاءِ نه اٿننداسين، آچر تي آصف علي زرداري عمر ڪوٽ ويجهو سيد علي مردان شاهه جي پٽ سيد امير علي شاهه جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، آصف علي زرداري عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته هو ٿر ۽ عمر ڪوٽ جي ماڻهن سان گهڻو پيار ڪري ٿو، ٿر ۽ عمر ڪوٽ جي ماڻهن سدائين پ پ جو ساٿ ڏنو، شهيد بينظير سان محبت ڪئي، هن چيو ته کيس ٿر ۽ عمر ڪوٽ جي عوام جي مسئلن جو احساس آهي ۽ هو سنڌ ڌرتي سان وڌ ۾ وڌ محبت ڪري ٿو، هن چيو ته هو جلد ميرپور خاص جي عوام سان جلسي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي آصف زرداري سان گڏ سيد مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، نثار کهڙو ۽ سنڌ ڪابينا جا ڪيترائي صوبائي وزير ساڻس گڏ هئا، آصف زرداري نئين پرڻيل جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ان کانپوءِ آصف زرداري نواب يوسف ٽالپر جي چانهن پارٽي ۾ شرڪت لاءِ ڪنري ويجهو ڳوٺ مانجها گهر لاءِ روانو ٿي ويو.