جمهوريت جي نقاب ۾ چورن جو ٽولو رستن تي تماشا لڳائي رهيو آهي: مراد سعيد

اسلام آباد: (بيورو): مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد جو چوڻ آهي ته جمهوريت جي نقاب ۾ چورن جو ٽولو رستن تي تماشو لڳائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير مراد سعيد جو چوڻ هو ته جمهوريت جي نقاب ۾ چورن جو ٽولو رستن تي تماشا لڳائن جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، ڏوهاري جمهوريت جي آڙ ۾ لڪي احتساب کان بچڻ ۽ قوم کي بيوقوف بڻائڻ جا خوامشند آهن، جاتي امرا جي ٺڳن جو احتساب ڪيو ويو ته انهن کي ووٽ جي حرمت ياد اچي وئي جڏهن ته ڪارن ڪرتوتن جو ڪوبه جواب انهن وٽ نه هو نه ئي انهن وٽ آهي.مراد سعيد جو چوڻ هو ته چوري بچائڻ لاءِ جمهوريت کي ڍال بڻائڻ شرم جوڳو، مذمت جوڳو ۽ جمهوريت جي ساک تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، بلاول زرداري کي ڪنهن سياسي ڪيس جي پيروي لاءِ نه پر خالص چوري ۽ ڦرلٽ جي واردات ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو، ڪرپشن جهڙي سنگين ڏوهن ۾ ملوث عنصرن کي ڪيئن اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته هو مڇريل جٿن سان پيشين تي اچن.مراد سعيد چيو ته روزاني جي بنياد تي يقين ڏياري رهيا آهيون ته جيتري مرضي تماشا ڪري وٺو حڪومت کي ڪنهن دٻاءُ ۾ نه ٿو آني سگهي، قوم جي اوڳاڇيل دولت دولت اوڳاڇڻ کان علاوه انهن وٽ نجات جو ڪوبه رستو ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *