جمهوريت جي حفاظت لاءِ ڪارڪنن سان گڏجي جدوجهد ڪندس: نواز شريف

اسلام آباد( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 70 ورهين کان ملڪ سان جيڪو ٿي رهيو آهي اهو افسوس جوڳو آهي. پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ جي سينئر اڳواڻن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته پاڪستاني قوم ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن ساڻس گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته ڪڏهن وزيراعظم کي گرفتار ته ڪڏهن وري جلاوطن ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪڏهن وزيراع کي هٽايو ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڦاهي ڏني ويندي آهي. نواز شريف چيو ته جلد مان ڪارڪن پاڪستان جي ترقي لاءِ عهد ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ پارٽي ڪارڪن مون سان گڏ بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلي کي عوام قبول نه ڪيو آهي. نواز شريف چيو ته منهنجي خلاف عدالتي فيصلو حقيقتن خلاف هو، دنيا جي مهذب ملڪن جمهوريت ذريعي ترقي ڪئي آهي، آمريت دوران ڪنهن ملڪ ترقي نه ڪئي آهي. هن چيو ته جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن سان گڏجي جدوجهد ڪندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *