جمهوريت جي تسلسل لاءِ وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوريت ۾ تسلسل لاءِ وزيراعظم  نواز شريف کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرامن نموني اقتدار منتقل ٿيو آهي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو هو ته الزام ثابت ٿيڻ تي هو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته  جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ حڪومت جي رويي تي کين ڳڻتي آهي. خورشيد شاهه چيو ته رياست شخصيتن سان نه پر ادارن سان هلندي آهي. هن چيو ته ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان دشمن مضبوط ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سندس مطالبو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي لفظن جي پاسداري ڪري ۽ استعيفيٰ ڏي. خورشيد شاهه چيو ته ڪهڙين به حالتن ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار رهڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *