ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙ جمعي جي نماز جا وڏا اجتماع ڪرڻ تي داخل ايف آءِ آر واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انسپيڪٽر جنرل کي داخل ايف آءِ آر واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته جن ضمانت ڪرائي ڇڏيون آهن، انهن کي سيڪيورٽيز واپس ڪيون وينديون. ايندڙ جمعي تي عالمن حڪومت سان تعاون جو يقين ڏياريو آهي.