انقره ( م ڊ ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ڪمال خاشقجي کي منصوبابندي سعودي سفارتخاني اندر ئي قتل ڪيو ويو، ملوث 15 جوابدارن کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، خاموش نه ويهنداسين. ترڪ پارليامينٽ کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته اسان جي ڌرتي تي قتل ٿيو آهي، جاچ اسان جي ذميواري آهي، حقيقت جو پتو لڳائي ئي دم پٽينداسين، اسان کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته خاشقجي جي قتل ۾ ملوث 18 ماڻهن تي ترڪي ۾ ڪيس هلڻ گهرجي، اسان سعودي عرب کان ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ترڪي وٽ جمال خاشقجي جي منصوبابندي تحت قتل جون شاهديون آهن، قتل جو الزام انٽيليجنس ايجنسين تي هڻڻ مان اسان مطمئن نه آهيون. رجب اردگان چيو ته اسان جي پوليس ۽ انٽيلجنس ايجنسي معاملي جو گهرائي سان جائزو وٺي رهيا آهن،سعودي قونصليٽ ترڪ ڌرتي تي آهي، جنيوا ڪنوينشن ڪنهن کي سفارتي ڇوٽ نه ٿو ڏي، معاملو هاڻي اڳتي وڌي ويو آهي، خاشقجي جو قتل عالمي معاملو آهي، سندس قتل جو عالمي سطح تي نوٽيس ورتو ويو آهي. هن چيو ته گڏيل ورڪنگ گروپ معاملي تي ڳالهائي رهيو آهي، سفارتي ڇوٽ باوجود قتل جي جاچ اسان جي ذميواري آهي. ترڪ صدر چيو ته 15 رڪني سعودي ٽيم ترڪي ۾ ڇا ڪري رهي هئي، ٽيم ڪنهن جي حڪم تي ترڪي پهتي، سعودي قونصليٽ فوري طور قتل جي جاچ شروع ڇو نه ڪئي، خاشقجي جي لاش کي ٺڪاڻي لڳائيندڙ مقامي سهولتڪار ڪير هو. ترڪ صدر چيو ته منهنجو 14 آڪٽوبر تي شاهه سلمان سان فون تي رابطو ٿيو جنهن دوران کيس خاشقجي جي قتل بابت اهم ڄاڻ کان آگاهه ڪيو، سعودي وفد سان گڏيل جاچ ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته جمال خاشقجي جي قتل جي رٿابندي پهريون ئي ڪئي وئي ۽ پڪ آهي ته سموري رٿابندي سعودي قونصليٽ ۾ ٿي، ڪلنگ اسڪواڊ ڪمرشل ۽ خاص اڏامن ذريعي پهتو ۽ صحافي جي قتل ۾ 2 ٽيمون ملوث آهن. سندس چوڻ هو ته مجموعي طور تي 15 ماڻهن جي ٽيم استنبول آئي، سعودي قونصليٽ جي اختيارين قتل کان اڳ سڪيورٽي ڪئمرائون هٽائي ڇڏيون، خاشقجي 2 آڪٽوبر تي شادي جي دستاويزن لاءِ قونصليٽ ۾ آيو ۽ ڪيمري جي فوٽيجز مان لڳي ٿو ته واپس نه موٽيو، ساڳي ڏينهن سعودي قونصليٽ جو اهلڪار خاشقجي جو روپ مٽي سفارتخاني مان ٻاهر نڪتو.