جمال خاشقجي کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن ۾ جي خاص نمائندي صحافي جمال خاشقجي جي قتل کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏيندي چيو آهي ته جن اها منصوباندي ڪئي هئي اهي رياست جي نمائندگي ڪندڙ اعليٰ سطح جا ماڻهو آهن. پرڏيهي ميڊيا ڳالهائيندي  ايگنيز ڪليمرڊ جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه اسان ڄاڻو ٿا ان مان هڪ ئي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جمال خاشقجي عدالت کان مٿانهين قتل جو شڪار ٿيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پهريان اسان کي خبر پئي ته کيس سعودي سفارتخاني ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اهي اطلاع سامهون آيا ته واقعي واري هنڌ موجود ماڻهو رياست جا اعليٰ عهديدار هئا

. جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد سعودي اختيارين جمال خاشقجي جي گمشدگي ۽ مبينا قتل ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي جيڪي اعلي سطح جا عهديدار هئا. سندس چوڻ هو ته اهي سمورا معاملا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن ته صحافي جي گمشدگي ۽ قتل ۾ عدالت کان مٿانهين قتل جا سمورا ثبوت موجود آهن.  ايگنيز ڪيلمرڊ جو چوڻ آهي ته هاڻ ان معاملي جي غيرجانبدار ۽ مڪمل جاچ سان ئي ان ڳالهه جو تعين ڪري سگهجي ٿو ته هن جي قتل جو حڪم ڪهڙي سطح کان آيو هو، پر ان باوجود اسان وٽ ايترا ثبوت موجود آهن جنهن جي بنياد تي اسان چئي سگهون ٿا ته سعودي عرب ئي ان جو ذميوار ۽ ان ۾ ملوث آهي. ڄاڻايل معاملي جي ردعمل ڏيندي گڏيل قومن ۾ مقرر سعودي نمائندي فيصل فهد جو چوڻ هو ته اگينز ڪليمرڊ پنهنجي بيان ۾ حديون اورانگهيون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو وفد، خاص نمائندي جي ڏنل ان بيان کي رد ڪري ٿو، اسان هن کان  مطالبو ڪريون ٿا ته عدالت کان مٿانهين قتل وارن معاملن تي پنهنجا اختيارن نه اورانگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *