اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته جماعت الاحرار افغانستان مان پنهنجي محفوظ پناهه گاهن مان حملا ڪري رهي آهي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز افغان صدر جي قومي سلامتي واري صلاحڪار حنيف اتمار کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس پاڪستان ۾ تازو دهشتگرد حملن تي ڳڻتي کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام تازو دهشتگردي تي گهري غم ۽ تڪليف ۾ آهي. سرتاج عزيز چيو ته جماعت الاحرار جا افغانستان ۾ محفوظ ٺڪاڻن تي سخت ڳڻتي آهي. دهشتگردي جي انهن واقعن پويان جماعت الاحرار آهي. پاڪستان جماعت الاحرار کي دهشتگردن جي فهرست ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن خلاف فوري طوري تي ڪارروائي ڪئي وڃي. پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته افغان حڪومت دهشتگرد گروپ جي خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري ۽ جماعت الاحرار افغانستان ۾ پنهنجي محفوظ پناهه گاهن مان ويهي حملا ڪري رهي آهي. پاڪستان جي بار بار مطالبي باوجود به افغان حڪومت ڪو به نوٽيس نه پئي وٺي.