اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگي جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جمائما کان رقم وٺڻ ۽ واپسي جو مني ٽريل موجود ناهي، تحريڪ انصاف جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اڄ وري وقت گهريو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا اڄ وري اليڪشن ڪميشن ۾ معاملن کان فرار ٿيا آهن، جسٽس افتخار جي دور ۾ به عمران خان معافي گهري هئي. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊنگ ۽ مني ٽريل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، آئين ۾ آهي ته فارين فنڊنگ واري پارٽي جي سياسي حيثيت ختم ڪئي ويندي. دانيال عزيز چيو ته زرداري دوري کان تحريڪ انصاف غيرملڪي فنڊنگ حاصل ڪري رهي آهي. هن الزام مڙهيو ته تحريڪ انصاف زرداري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ به فنڊنگ ڪئي.