جلسه بابت ٽوئيٽ، عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم هوش مان ڪم وٺي: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدالتي فيصلو اچي چڪو آهي، اپوزيشن هوش مان ڪم وٺي ۽ عوام دشمن قدم کڻڻ کان پاسو ڪري: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  شبلي فراز جو پي ڊي ايم 22 نومبر تي پشاور ۾ رٿيل جلسي بابت ٽوئٽ: شبلي فراز چيو ته خدا نه ڪري جيڪڏهن قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ته ذميوار پي ڊي ايم ۽ جلسي جي انتظاميا هوندي: پي ڊي ايم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 22 نومبر تي پشاور ۾ رٿيل جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کان ڊنل آهي، تنهنڪري ڪورونا ۽ دهشتگردي جو جواز ڄاڻائي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *