واشنگٽن (اين اين آءِ) جعلي ڊگرين جي عالمي اسڪينڊل جي ايگزيڪيٽ ۽ شعيب شيخ سان تعلق جو راز آمريڪا جي عدالت ۾ کلي ويو آمريڪا ۾ گرفتار ٿيل ايگزيڪيٽ جي نائب صدر عمير حامد جعلي ڊگري جي ذريعي اربين رپين جي رقم حاصل ڪرڻ جي اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي اختيارين عمير حامد تي هڪ پاڪستاني ڪمپني ايگزيڪيٽ جي ذريعي جعلي ڊگرين جي هڪ وڏي فئڪٽري هلائڻ جو الزام لاڳو ڪيو هو عمير حامد 4 اپريل تي اهو الزام قبول ڪري ورتو ان کان پوءِ هاڻي ان جي سزا بابت فيصلو 20 جولاءِ تي ٿيندو عمير حامد کي 63 مهينن کان 78 مهينن تائين ۽ هڪ ڪروڙ 10 لک ڊالر ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي. ڪيس دوران ايگزيڪيٽ جي وقاص عطيق ۽ شعيب شيخ جون 3 جعلي ڪمپنين جو به انڪشاف ٿيو جنهن جي ذريعي ايگزيڪيٽ جا فنڊ لڪايا ويا عمير حامد آمريڪا ۾ پريٽ لوبل نالي هڪ شخص سان ملڻ وارو هو جيڪو آمريڪا ۾ 1990 کان جعلي ڊگري جي ڪاروباري جي سلسلي ۾ شڪي هو جاچ دوران جعلي ڊگري فراڊ ۾ ملوث وڌيڪ 4 نالا ظاهر ٿيا آهن جن ۾ عظميٰ شاهين، زبير سيد، ايگزيڪٽ جي مالڪ شعيب شيخ جا مائٽ آهن وڌيڪ ٻه ماڻهو فرحان ڪمال ۽ علي آهن. ڏوهه لاڳو ٿيڻ بابت ايگزيڪيٽ آمريڪا ۾ موجود پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ جي مدد سان سڄي دنيا مان 14 ڪروڙ ڊالر جي رقم حاصل ڪئي اها رقم پاڪستاني رپين ۾ هڪ کرب 46 ارب 65 ڪروڙ رپيا ٺهي ٿي.