ڪراچي(هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته جيڪي آفيسر تعليم کاتي ۾ استادن خاص ڪري سنڌي لينگويج ٽيچر، عربڪ ٽيچر ۽ ٻين غير تدريسي عملي جي جعلي مقرري جي عمل ۾ ملوث هئا اهي هن وقت ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ جيڪي جلد ئي پنهنجي انجام کي پهچي ويندا. هن چيو ته انهن آفيسرن مختلف ڪيڊر ۾ سال 2012 ۾ 30 هزار کان وڌيڪ جعلي مقرريون ڪيون جنهن سان سنڌ حڪومت کي ڄاڻي واڻي بدنامي کي منهن ڏيڻو پيو. اها ڳالهه اڄ هن يونين ڪائونسل ريڙهي ۽ چشمه ضلع ملير ۾ 15 اسڪولن جي بهترين استادن، هيڊ ماسترن ۽ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي موقعي تي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته هو ڪنهن نااهل شخص کي برداشت نه ڪندو ۽ سندس کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته کيس هڪ پوئتي پيل علائقي ۾ ايتري سٺي تعليمي سرگرميون ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ۽ کيس ان ڳالهه جو پورو يقين آهي ته سنڌ جا نوجوان صلاحيتن ۾ پوري دنيا جي نوجوانن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڪچي آبادي مرتضيٰ بلوچ چيو ته هو عوام خاص ڪري ملير جي عوام جي خدمت جاري رکندو. ان کان علاوه صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب حسين ڏهر گورنمينٽ ڊگري گرلز ڪاليج ڪورنگي نمبر اڍائي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن، چارديواري جي ٽٽل ۽ ڪمرن ۾ پنکن جي ڪم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پرنسل کي هدايت ڪئي ته هو ڪاليج جي معاملن کي هڪ هفتي اندر درست ڪري ٻي صورت ۾ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي صوبائي وزير تعليم مختلف ڪمرن جو دورو ڪيو ۽ اتي جاري امتحان جو جائزو ورتو.