جعلي سڃاڻپ ڪارڊ دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد: (بيورو) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا.چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ  جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري جي جوابدارن علي محمد ۽ رضوان آفتاب جي بريت خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جوابدارن جي بريت جو فيصلو برقرار رکندي جوابدارن جي بريت خلاف نيب جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي، جعلي سڃاڻپ ڪارڊ دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڏوهه کي ثابت ڪرڻ نيب جي ذميواري آهي، دستاويزن جي فوٽو ڪاپي قبولڻ جوڳي شاهدي نه هوندي آهي.ياد رهي ته احتساب عدالت ٻنهي جوابدارن کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي پر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ به ساڳيو فيصلو برقرار رکيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *