جعلي دستاويزن دل ٽوڙي ڇڏي آهي، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي دستاويزن سندن دل ٽوڙي ڇڏي آهي، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پاناما عملدرآمد ڪيس تي ٽين ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته دستاويز ميڊيا تي پهريون آيا ۽ عدالت ۾ وري پوءِ جمع ڪرايا ويآهن. سلمان اڪرم راجا چيو ته هن ذاتي طور جلد دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان دستاويز وقت تي جمع ڪرائڻ جو چيو هو، پر سمون دستاويزن تي ميڊيا ۾ بحث ٿيندو رهيو.  جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ميڊيا تي پنهنجو ڪيس هلايو جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته ميڊيا تي دستاويز هن طرفان جاري نه ڪيا ويا آهن. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هڪ دستاويز قطري شهزادي ۽ هڪ برٽش ورجن آءِ لينڊ بابت آهي جڏهن ته جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته   ٻئي دستاويز عدالت ۾ ئي کوليا ويندا، سمورا دستاويز ليگل ٽيم ئي ميڊيا کي ڏيندي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته قطري خط ۾ ڇا آهي کين خبر ناهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته  اطمينان سان توهان جي ڳالهه ٻڌي ويندي.هن چيو ته جي آءِ ٽي لاڳاپيل اختيارين کان تصديق ڪرائڻي هئي، مريم جي وڪيل عدالت ۾ منروا جي دستاويزن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته  جي آءِ ٽي يو اي اي جي خط تي نتيجا ڪڍيا، يو اي اي جي خط تي حسين نواز کان ڪو به سوال نه ڪيو ويو، جڏهن ته حسين نواز جي تصديق ٿيل دستاويزن کي به قبول نه ڪيو ويو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته مريم نواز جي وڪيل عدالت ۾ منروا جي دستاويزن کان انڪار ڪيو هو. وڪيل سلمان اڪرم چيو ته جي آءِ ٽي  دبئي اختيارين جي جواب تي حسين نواز کان آڏي پڇا نه ڪئي، يو اي اي جي انصاف واري کاتي جي خط کي ڏسي ڇڏيو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جيڪي دستاوي پيش ڪيا جي آءِ ٽي انهن جي انصاف واري کاتي کان تصديق ڪرائي آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته دبئي جي دستاويزن بابت حسين نواز کان پڇڻ گهرجي ها. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ به حسين نواز جي دستاويزن جي تصديق طلب ڪئي وئي هئي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي نتيجن تي حملا نه ڪيا وڃن، سندن دستاويزن جو جواب ڏنو وڃي. سلمان اڪرم راجا چيو ته عزيزيه اسٽيل ملز جو بئنڪ رڪارڊ به موجود آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڇا وڪري وقت عزيزيه تي ڪا بقايا هئي، سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪي بقايا هئي اها ادا ڪئي وئي. عدالت  چيو ته دستاويزن موجب 21 ملين ريال عزيزيه جي وڪري وقت بقايا هئا،  سلمان اڪرم راجا چيو ته اهي دستاويز ذريعن کان حاصل ڪيا ويا. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته موزيڪ فونسيڪا موجب مريم نواز فليٽس جي مالڪ آهي، جيڪا اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڏسندا رقم ڪٿان منتقل ٿي آهي؟ جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن حسين نواز شيئر خريد ڪيا ته به ثابت ڪيو وڃي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته نون دستاويزن کي جي  آءِ ٽي رپورٽ جي جواب ۾ آندو ويو، اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته خانگي دستاويزن ۾ ته اهو به لکي سگهجي ٿو ته سامان ٽائي ٽينڪ ۾ منتقل  ويو آهي. سلمان اڪرم شيخ چيو ته اها دستاويز اڪرم شيخ جمع ڪرايا آهن، ڄاڻ حاصل ڪندو ته ڪيئن ٿيو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته جعلي دستاويزن واري معاملي سندس دل ٽوڙي ڇڏي آهي، جعلسازي تي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. سلمان اڪرم چيو ته ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪلبري فونٽ جو معاملو درست ناهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته گورا تي شڪ ڏيندا آهن ته رومال منهن سان لڳائيندا آهن ڇا ڪو قانوني فونٽ چوري ڪندو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽرسٽ ٽريڊ سان تمام گهڻا مسئلا آهن هر شخص جي آئيني اختيار تي اسان تمام گهڻا محتاط آهيون. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته سراسري طور اسان سامهون ڪيس جعلي دستاويزن جو اهي، في الحال سراسري طور کان اڳتي نه وڃي رهيا آهيون. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته حماد بن جاسم چيو ته هو پاڪستاني عدالتن ۽ قانون جو پابند ناهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته لا فرم جو اڪائونٽ ڏيکاريو رقم جو فلو واضح ٿي ويندو آهي، هي آفريڪا يا پاناما نه پر انگلينڊ آهي، سمورو رڪارد ملي ويندو آهي، رڪارڊ کڻي اچو ته ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي، هي سوال آهي جنهن جو جواب ناهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته قطري وڊيو لنڪ تي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، شايد سندس تصوير سٺي ناهي تنهن ڪري وڊيو لنڪ تي نه ٿو اچي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته پاڪستان، پاڪستاني سفارتخاني ۽ وڊيو لنڪ تي نه اچڻ کانپوءِ ڇا رهجي وڃي ٿو. سلمان اڪرم راجا چيو ته ارسلان افتخار ڪيس موجب جي آءِ ٽي کي قطر وڃڻ جي ضرورت نه هئي هن کان رڳو سوال ڪري پئي سگهيا. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا قطري پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته ان بابت کيس ڪابه هدايت نه ملي آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جبل ڪمپني 615 هزار پائونڊز فليگ شپ ڪمپني کي موڪليا، توهان چئي رهيا آهيو ته ان ڪمپني جا ڪي به اثاثا نه هئا جنهن تي سلمان اڪرم راجا جواب لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي نائين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *