ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ هر دور ۾ ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي، گڏڙو وزيراعظم اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا نه ٿو ڪري سگهي.ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ترقياتي ڪم روڪڻ چاهي ٿي. هن چيو ته وفاقي وزير ارڙهين ترميم خلاف ڳالهائين ٿا، ميڊيا خلاف سازش ٿي رهي آهي اهو اظهار جي آزادي تي سوچيل سمجهيل حملو آهي. سندس چوڻ هو ته صوبي جي وسيلن تي صوبن جو آئيني حق آهي جيڪو ملڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان نئين حڪومت هر انڊسٽري ۽ هر سيڪٽر ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي. هن چيو ته ميڊيا خلاف سازش ٿي رهي آهي جيڪا اظهار جي آزادي تي سوچيل سمجهيل حملو آهي. هن چيو ته سليڪٽ حڪومت عوام جا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي، ڪرڪيٽ ۾ امپائر ۽ سياست ۾ عوام جي مرضي هلندي آهي، ارڙهين ترميم تي سوديبازي نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ارڙهين ترميم تي عمل نه ڪري رهي آهي، سنڌ کان ادارا کسيا پيا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين حڪومت عوام کان نوڪريون کسيون آهن، عمران خان جيڪو چيو ڪوڙ ڳالهايو آهي.