جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري جي رمانڊ ۾ چوڏنهن ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد: (بيورو) احتساب عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.  نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن دوران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا. عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آصف زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت حڪم ڏنو ته آصف زرداري کي 29 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت آصف زداري جي سندس ٻارڙن سان ملاقات جي درخواست به منظور ڪئي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري شهباز شريف جي پرڏيهي امداد ڦٻائڻ بابت چيو ته پرڏيهي امداد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ايندي آهي، اها سڌو ڪنهن وٽ نه ايندي آهي. صحافي سوال ڪيو ته توهان به ناصر بٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن يا نه جنهن تي آصف زرداري چيو ته اسان اهڙا ڪم نه ڪندا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *