اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ پيسا اومني گروپ کي نٿا ڏئي سگهون، مراد علي شاهه کي پيسا ڏئي ڇڏيون ته اُهي لنڊن ۽ دبئي مان هٿ ٿيندا آهن. ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ 172 نالن کي اي سي ايل ۾ وجهڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته نالن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اي سي ايل نظرثاني ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، هي ڪميٽي ناڻي واري وزارت جي تحت ڪم ڪندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ايل ۾ وڌل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويا آهن، هاڻ ڪميٽي جي سفارشن موجب فيصلو ڪيو ويندو. فواد چوڌري چيو ته نيب يا ايف آءِ اي طرفان سفارش اچڻ تي نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويندو آهي، نالو اي سي ايل ۾ ان ڪري وڌو ويو ته ماضي ۾ به ماڻهو ملڪ مان فرار ٿيندا رهيا، اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ نه هئڻ جي ڪري ملڪ مان فرار ٿي ويا، ماضي ۾ جاچ ۾ مدد ثابت ٿيڻ وارن ماڻهن کي جهازن جي ذريعي فرار ڪيو ويو. فواد چوڌري چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ غربت ختم ڪيو مهم جي آرڊيننس ڪونسل قائم ڪئي وئي آهي، تيل جي ڳولا ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن تان ڪسٽم ڊيوٽي هٽائي وئي آهي، ان کان سواءِ بلوچستان ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر جي لاءِ فنڊ ۽ پشاور بي آر ٽي منصوبي جي لاءِ 123 ملين يورو جي قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ججن جي واڌ جو فيصلو ڪيو يوو آهي، عوامي فلاح ۽ بهبود جي مالياتي ادرن تي ٻڌل غربت جي خاتمي واري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بي آءِ ايس پيم بيت المال، اي او بي آءِ سميت ٻيا فلاحي ادارا شامل آهن. فواد چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ فرض سمجهون ٿا پر ترقياتي ڪمن جي لاءِ پيسا اومني گورپ کي نٿا ڏئي سگهون، مراد علي شاهه کي پيسا ڏنا سين ته لنڊن ۽ دبئي مان هٿ ٿيندا آهن، اُهي پيسا محل خريدڻ ۾ خرچ ٿيا، ڪراچي ملڪي معاشي حب آهي، ترقياتي سرگرميون اڻٽر آهن، ماضي ۾ سنڌ جي عوام جي ترقي لاءِ رڳو 2 هزار ارب رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا. فواد چوڌري چيو ته اُهي ماڻهو تحريڪ هلائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪي ڪمرشل فلائٽس تي لاهور ناهن ايندا، تحريڪ ڪنهن نظريي تي هلندي آهي ان ڪري اهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ئي نه وڃڻ ته بهتر آهي، تحريڪ هلائيندڙ اڄ تائين جهاز جي ٽيڪٽ ئي ناهي خريدي.