جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري گرفتار

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب جي ٽيم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي زرداري هائوس مان گرفتار ڪري راولپنڊي نيب منتقل ڪري ڇڏيو اڄ اڱاري تي آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪروٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ جي درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت ۾ موجود هئا. ضمانت جون درخواستون رد ٿيڻ کان پوءِ اڳوني صدر آصف علي زرداري سليم مانڊوي والا سميت سينيئر اڳواڻن ۽ قانوني ٽيم کي زرداري هائوس گهرايو ۽ انهن سان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ تي مشاورت ڪئي ويئي اجلاس دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو گرفتاري کان اڳ آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري ۽ پٽ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت جون درخواستون رد ٿيڻ تي پوليس سان گڏ زرداري هائوس پهتل نيب ٽيم کي گرفتاري ڏيئي ڇڏي جنهن کان پوءِ نيب ٽيم اڳوڻي صدر کي زرداري هائوس مان گرفتار ڪري ميليوڊي ۾ موجود نيب آفيس منتقل ڪري ڇڏيو زرداري هائوس ۾ گرفتاري جي موقعي تي بدنظمي ٿي ويئي ذريعن موجب نيب ٽيم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ ساڻ کڻي آئي هئي ان موقعي تي ليڊي پوليس موجود هئي جڏهن ته نيب ٽيم اڳوڻي صدر جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي گرفتاري جا وارنٽ نه آندا هئا ۽ کيس گرفتار نه ڪيو ويو نيب جي ٽيم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *