جعلي اڪائونٽس ڪيس: اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ پندرهين مئي تائين واڌ

اسلام آباد: (بيورو) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي گڏيل ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪو

ٽ ۾ اڳوڻو صدر ۽ ان جي ڀيڻ جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتاري کان  اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي  ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل ضمانتن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن انڪوائري ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته چيئرمين نيب پارڪ لين  جاچ ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته آصف زرداري جي خلاف ڪيترا ڪيس هلي رهيا آهن. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اهو اسان نٿا ٻڌائي سگهون ته آصف زرداري جي خلاف ڪهڙا ڪهڙا ڪيس آهن. جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اهو ڪهڙو طريقو آهي. لڪ لڪوٽي نه کيڏو. جنهن تي نيب پاران چيو ويو ته آصف زرداري جي خلاف 22 انڪوائريون هلي رهيون آهن.  جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي آصف زرداري  جي گرفتاري کان روڪيندي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *