اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري کي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنڪ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ آصف زرداري جي وڪيل لطيف کوسا دليل شروع ڪندي چيو ته فل ڪورٽ ريفرنس ۾ توهان تاريخي جملا ادا ڪيا هئا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ ريفرنس جي تقرير عدالتي مثال ناهي هوندي، اها ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي يا اپيل جي ٻڌڻي ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن لطيف کوسا سان مڪالمو ڪندي چيو ته فيصلي ۾ چيو غلطي آهي، سڌي ريت ان جي نشاندهي ڪيو، نظرثاني جو دائرو ذهن ۾ رکو، نظرثاني جي دائري تي 50 کان وڌيڪ عدالتي فيصلا موجود آهن، جنهن تي لطيف کوسا جواب ڏنو ته ڪنهن به ڪيس ۾ درجي درجي سان هيٺين عدالت کان ڪيس مٿي ايندو آهي، اسلامي تصور به آهي ته اپيل جو حق آهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته نيب سامهون سمورو مواد رکيو ويو، چيو ويو ريفرنس ٺهي ٿو ته ٺاهيو نٿو ٺهي ته نه ٺاهيو، اسان ان معاملي ۾ مداخلت ڇو ڪيون. چيف جسٽس چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت ڪو فيصلو نه ڏنو، اسان ته رڳو لاڳاپيل ادارن کي جاچ لاءِ چيو، ان سان توهان جو اپيل جو حق ڪيئن متاثر ٿيو ۽ لطيف کوسا کي هدايت ڪئي ته توهان پنهنجا قانوني نڪتا ڏيو، جائزو وٺنداسين ته قانون نڪتا نظرثاني جي دائري ۾ اچن ٿا يا نه. لطيف کوسا دليلن ۾ چيو ته عام ڪيسن ۾ سائلين کي قانوني رستي جا سمورا حق ملندا آهن، عام ڪيسن ۾ هيٺين عدالتن جي فيصلن خلاف اپيل جو حق هوندو آهي، اسلامي قانون ۾ به اپيل جو حق هوندو آهي، عدالت آرٽيڪل 3/184 لاڳو ڪرڻ جي ميرا ميٽرز جو جائزو وٺي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت سامهون هڪ معاملو آيو، جيڪو لاڳاپيل فورم کي موڪليو ويو، عدالت هاڻ ڇا ڪري ڇڏيو جو توهان اپيل جو حق گهري رهيا آهيو، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته فيصلي ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي سان سهڪار نه پئي ڪري. چيف جسٽس چيو ته اسان کي جاچ آفيسرن کي سيڪيورٽي ڏيڻي پئي، جنهن عورت جي نالي تي جعلي اڪائونٽ کوليو، سڄي رات ٿاڻي ۾ رکيو. جسٽس اعجاز الاحسن جو چوڻ هو ته اسان چيو شاهدن کي هراسان نه ڪيو وڃي، رينجرز جي سيڪيورٽي به فراهم ڪئي وڃي ته لطيف کوسا سوال ڪيو ڇا ايف آءِ اي جاچ ۾ سستي تي سوموٽو وٺي سگهجي ٿو، جنهن تي جسٽس اعجاز لااحسن چيو ته اربين رپين جو معاملو آهي، قلفي واري ۽ رڪشي واري جي اڪائونٽ مان ڪروڙين رپيا هٿ اچي رهيا آهن، توهان عدالتي موقف مان متفق ناهيو ته اهو نظرثاني جو سبب ناهي. چيف جسٽس چيو نيب قانون موجب ڪيس جي منتقلي جي درخواست ڏئي سگهي ٿو، فيصلي ۾ جيڪو لکيل آهي ان جو پس منظر آهي، خطري کي نظر ۾ رکندي جي آءِ ٽي ۽ شاهدن کي سيڪيورتي جو حڪم ڏنو، ڪيس جي منتقلي کانپوءِ به توهان وٽ لاڳاپيل فورم موجود آهي، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته جاچ آفيسرن هراسان ڪرڻ جي دانهن نه ڪئي، لکين انڪوائريون پينڊنگ ۾ آهن، انهن کي نه ڇيڙيو ويو ۽ عدالت بلاول جو نالو جي آءِ ٽي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو بئنچ جي ڪنهن ميمبر جي اها آبزرويشن ٿي سگهي ٿي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اعتراض ته فالودي واري کي ڪرڻ گهرجي، اعتراض ڪرڻ گهرجي ته منهنجي پئسن خلاف ڇو جاچ ڪري رهيا آهيو، توهان ته اڪائونٽن جي ملڪيت کان انڪار ڪري رهيا آهيو. لطيف کوسا دليلن ۾ چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي متوازي جاچ ڪري رهيا آهن، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جعلي اڪائونٽس ۾ ملٽي پل ٽرانزيڪشن ٿي، هڪ حد تائين معاملو نيب کي موڪلرايو آهي، ايف آءِ اي جاچ باقي معاملي تي روڪي ته نٿي سگهي، توهان بري ٿي ويئو ته خوشي خوشي وڃو، سڄو ملڪ مطمئن ٿي ويندو. آصف زرداري جي وڪيل جو چوڻ هو ته توهان سڀني ڪيسن ۾ سستي جو نوٽيس وٺو ته مون کي اعتراض ناهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سوال تي تفصيل سان بحث ٿي سگهي ٿو، توهان خلاف اڃا ريفرنس فائل ناهي ٿيو، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته زرداري صاحب جي ڀيڻ کي روز اسلام آباد طلب ڪيو ويندو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان جي موڪل کي رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ سوين خط لکيا ويا، توهان جي موڪل رڪارڊ فراهم نه ڪيو، لطيف کوسا چيو ته جهانگير ترين مڃيو ته نوڪرن جي نالي اڪائونٽ کوليا آهن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ان جو مطلب آهي غلطي کي هلڻ ڏنو وڃي. لطيف کوسا جو چوڻ هو ته نيب بئنڪنگ ڪورٽ کي ڪيس جي منتقلي جي درخواست ڪئي، توهان جي آرڊر سان مون لاءِ سمورا دَر بند ٿي ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته نيب قانون تحت ڪيس ٻئي هنڌ منتقل ٿي سگهي ٿو، توهان جو موڪل اڃا جوابدار آهي، خبر ناهي ڇو اهي دليل ڏئي رهيا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته اهو وائٽ ڪالر ڪرائم جو ڪيس آهي ڪو فوجداري ڪيس نه، جڏهن توهان چئو ٿا اڪائونٽ توهان جي موڪل جا ناهن ته ڇا پريشاني آهي، لطيف کوسا جو چوڻ هو ته منهنجي موڪل جي سڄي خاندان کي هراسان ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اي سي ايل بابت اهو لاڳاپيل فورم ناهي، اربين رپيا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا ڪنهن کي ته جاچ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري اسان معاملو نيب حوالي ڪيو آهي. فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو اسان کي اميد آهي ته توهان وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نئون هوندو، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 7 جنوري جو فيصلو عدالتي اختيارن کان مٿي آهي، متفق آهيان ته نظرثاني ۾ دائرو محدود هوندو آهي، غلطي جي نشاندهي ڪندس، جيڪو معاملي ۾ سطح جي مٿان آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي کي مني ٽريل جو پتو لڳائڻ کان روڪيو وڃي ها؟ غير قانوني رقم کي مختلف ذريعن سان جائز پئسا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، غير قانوني پئسي سان ملڪيتون، شيئرز ۽ گهڻو ڪجهه خريديو ويو، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جي آءِ ٽي جي اختيارن تي بحث ڪرڻ چاهيان ٿو. جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي کي رڳو جعلي اڪائونٽن جي جاچ لاءِ چيو ويو هو، شايد توهان لطيف کوسا جي دليلن جي نقل ڪئي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فاروق ايڇ نائيڪ صاحب مون کي وڏي حيراني آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جو چوڻ هو ته فيصلي ۾ ڪيس جي ميرٽس تي ته بحث ڪيو ئي ناهي، سڀ ڌريون متفق هيون ته معاملو نيب کي موڪليو وڃي. جسٽس فيصل عرب چيو ته اسان رڳو اهو چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪراچي کان ڪيس راولپنڊي منتقل ڇو ڪيو ويو سبب سمجهه ۾ نه پيو اچي، واقعو ڪراچي جو آهي ته جاچ اتي ئي ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ به جاچ ٿي سگهي ٿي، هڪ ٿاڻيدار پنهنجي ٿاڻي ۾ ڪٿي به ويهي جاچ ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو نيب جا اختيار سڄي ملڪ ۾ آهن، اسان چيو ته اسلام آباد سميت ڪٿي به جاچ ٿي سگهي ٿي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته توهان ان ڪيس کي سنڌ مان ڇو ڪڍي آيا آهيو، چيف جسٽس چيو ته جيڪا توهان جي پريشاني آهي، اها ان فيصلي ۾ ناهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو جوابدار ته عدالت جو لاڏلو ٻار هوندو آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو هتي تي ضدي ٻار بڻيل آهي، توهان ته اڃا جوابدار بڻيا ئي ناهيو. سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر، مراد علي شاهه، سنڌ حڪومت ۽ اومني گروپ جون نظرثاني درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري کي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آصف سعيد ريمارڪس ڏنا ته 99.9 سيڪڙو درخواستون مستقبل جي خدشن تي ٻڌل آهن، اسان سان اهي ڳالهيون ڳنڍيون ويون جيڪي اسان نه ڪيون. واضح رهي ته 28 جنوري تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي.