جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف حڪومتي ريفرنس: افتخار چوڌري جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط

اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف حڪومتي ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو آهي.سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف حڪومتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيڻي آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي طرفان ريفرنس خلاف احتجاج جو سڏ به ڏنو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي ٻڌڻي کان اڳ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانسواءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ريفرنس موڪلڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس ۾ ڪٿي به نه چيو ويو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪري ڪئي، ان ريفرنس سبب جج ۽ سپريم ڪورٽ جي بدنامي ٿي، سپريم ڪورٽ جي قانون موجب ريفرنس نه ٻڌڻ جوڳو آهي.  افتخار محمد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته جج ذاتي ڪنڊڪٽ جو ذميوارهوندو آهي، خود ڪفيل ٻارڙن يا گهر واري جي ڪنڊڪٽ جو نه، وزيراعظم ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ئي صدر کي ريفرنس موڪليو.اڳوڻي چيف جسٽس درخواست ڪئي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل صدر ۽ وزيراعظم جي خلاف قسم جي ڀڃڪڙي تي ڪيس هلائڻ جو حڪم جاري ڪري. ياد رهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ڪي ڪي آغا جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ ان جي پرڏيهه ۾ جڳهيون ۽ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ان حوالي سان خط به لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي جڳهيون منهنجي زال ۽ پٽ جي نالي سان آهن ۽ هو پاڻ خود مختيار آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *