جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

لاهور ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز خلاف ڪارروائي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽريءَ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ عرفان صديقي جو مائيٽ آهي، هو عدليه جو مخالف ۽ سياسي ايجنڊا رکندڙ آهي، سندس تڪراري تقرير مان لڳي ٿو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي اپيل جي ٻڌڻي ڪرڻ پئي چاهي. درخواست جي متن ۾ آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي ملڪي ادارن خلاف بيان جاري ڪيو جيڪا سندس پنهنجي قسم جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي وفاداري کان منهن ڦيرڻ برابر آهي. درخواستگذار چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي پنهنجي عهدي تي رهڻ جي اهليت وڃائي چڪو آهي، تنهن ڪري اعليٰ معاملي جو نوٽيس وٺي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *