اسلام آباد(بيورو) جسٽس (ر) دوست محمد خان کي نگران وزير اعليٰ خيبرپختونخواهه جي عهدي جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي نگران وزير اعليٰ جي نامزدگي واري معاملي تي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيڻ تي اِهو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو هو. اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو گڏيل اجلاس ٿيو. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهين کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اختيارين پريس ڪانفرنس دوران نگران وزير اعليٰ خيبرپختونخواهه جي طور تي جسٽس (ر) دوست محمد خان جي نالي جو اعلان ڪيو.