اسلام آباد (اين اين آءِ( چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي ۾ اڃاتائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ فوٽ بال فيڊريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس اعجاز الحسن جي رهائشگاهه تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ٻڌي جي اظهار تي سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جا ٿورا مڃيا، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو هو ته جسٽس اعجاز الحسن جي لاهور ۾ گهر تي فائرنگ جو واقعو ٿيو، پوليس جسٽس اعجاز الحسن جي گهر جي گيراج کان گولي جو کول هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.