جسٽس آصف سعيد کوسه جي حديبيا پيپر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي کان انڪار، بينچ ٽٽي ويو

November 14, 2017 at 2:20 am

اسلام آباد (اين اين آءِ)سپريمڪورٽ جي جسٽس آصف سعيد کوسه شريف ڀائرن جي خلاف حديبيا پيپر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب سومر تي حديبيا پيپر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسه پاران انڪار کانپوءِ حديبيا پيپر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٽٽي ويو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻيل مدي جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رجسٽرار آفيس جي غلطي سان هي ڪيس ان وٽ لڳي ويو شايد رجسٽرار آفيس ان جو پاناما فيصلو ناهي پڙهيو هن چيو ته مان پاناما ڪيس متعلق 20 اپريلجي فيصلي ۾ حديبيا پيپر ملز ريفرنس تي 14 پيراگراف لکيا جنهن ۾ نيب کي هن ريفرنس کي کولڻ جو حڪم ڏنو هو، جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رجسٽرار آڦيس کي ڪيس اسان جي بينچ جي سامهون نه لڳائڻ گھرجي هان. جسٽس آصف سعيدکوسي چيو ته پاناما ڪيس ۾ نيب جي چيرمين کي به گھرايو ويو هو باقي ججن جي فيصلن جي متعلق مان ڪجھه نه چوندس، جڏهن ته مان پنهنجي فيصلي ۾ حديبيا پيپر ملز ريفرنس متعلق 14 پيراگراف لکيا آهن اسحاق ڊار جي حد تائين به مان فيصلو ڏني چڪو آهيان ، اسحاق ڊار پهريان ملزم هيو پوءِ هو واعده معاف گواهه بڻجي ويو مان پاناما ڪيس کي پنهنجي فيصلي ۾ اسحاق ڊار جي خلاف نيب کي ڪاروائي جو به چيو هو ٻئي پاسي نيب پراسيڪيوٽر اپيل ڪئي ته حديبيا پيپر ملز ريفرنس ايندڙ هفتي جي لاءِ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

اي پيپر