جسٽس آصف سعيد کوسا سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد (بيورو) جسٽس آصف سعيد کوسا کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا 21 ڊسمبر 1954 تي ڊيرا غازي خان ۾ پيدا ٿيو ۽ هن شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان گريجوئيٽس ۽ ماسٽرز ڪئي. آصف سعيد کوسا ڪيمبرج يونيورسٽي لنڊن مان ايل ايل ايم ڪرڻ کانپوءِ هانريبل سوسائٽي آف لنڊن مان بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس فيبروري 2010ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو هو ۽ ڊسمبر 2016ع کان سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ کان اڳ جسٽس آصف سعيد کوسا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور فرض ادا ڪري رهيو هو. قانون واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس آصف سعيد کوسا سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي عهدي جو مدو 17 جنوري تي ختم ٿي رهيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا 18 جنوري کان چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو سنڀاليندو. جسٽس آصف سعيد کوسا کي پاڪستان جي صدر چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ڪيو هو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *