جسقم ( آريسر ) طرفان سنڌ جي مسئلن لاءِ 14 فيبروري تي ڀٽ شاھ کان شروع ڪيل احتجاجي پيادل قافلو ملير ۾ داخل ٿي ويو

ملير(رپورٽ: سيد صابرشاھ) جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر ) طرفان گم ڪيل قومي ڪارڪنن سميت سنڌ جي مسئلن لاءِ 14 فيبروري تي ڀٽ شاھ کان شروع ڪيل احتجاجي پيادل قافلو سنڌ جا مختلف شهر ،ڳوٺ، رڻ ۽ رستا جهاڳيندو 14هين ڏينهن گهگهر رستي ملير ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو، پٿون ٿيل پيرن سان ٻن سنڌياڻين سميت 100 ڪارڪنن تي ٻڌل قافلي جي گهگهر ۽ گلشن حديد پهچڻ تي جسقم( آريسر )، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي گهگهر ۽ گلشن حديد واسين طرفان آجيان، گلن جي ورکا، قومي شاهراھ تي ڌرڻو، قومي ڪارڪن آزاد ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پانڌيئڙا سنڌ واڳوئن جي وات ۾ آهي ،سندس وارث جاڳي پيا آهن 4 مارچ تي ڪراچي پهچي سنڌين جي طاقت جو مظاهرو ڪنداسين رياستي ادارا گم ڪيل ڪارڪنن کي پڌرو ڪري عدالتن اڳيان پيش ڪن سينيئر وائيس چيئرمين مير حسن پهنور ۽ ٻين جو آجياڻن کي خطاب تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر ) طرفان گم ڪيل قومي ڪارڪنن سميت سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ 14 فيبروري تي ڀٽ ڌڻي کان شروع ڪيل احتجاجي پيادل لانگ مارچ جو قافلو سنڌ جا مختف شهرن ،ڳوٺن، رڻن ۽ رستن کي لتاڙيندو 14 ڏينهن مجنهند ڌاري پارتي اڳواڻن سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور ،ڊپٽي سيڪريٽري صالح آريسر سورٺ لوهار،سنڌو امام چانديو ،بلاول راڄڙ جي اڳواڻي ۾ گهگهر رستي ملير ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿي ويو پانڌيئڙن ۾ ٻن سنڌياڻين سميت 100 کن ڪارڪن شامل هئا جن جا پير پٿون ۽ حوضلا حماليا به بلند هئا قافلي جي گهگهر پهچڻ تي جسقم ( آريسر ) ،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن اعجاز سامٽيو ،اشرف بهليم، رشيد کوسو، شاهنواز کوسو، عوامي تحريڪ جي برڪت ڀنڊ، شريف ڪهلوڙو، سميت گهگهر واسين طرفان زبردست آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي ويئي ان موقعي تي قومي شاهراھ تي ڌرڻو قومي ڪارڪن آزاد ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا هوڏانهن قافلو شام ڌاري گلشن حديد پهتو ته جيئي سنڌ سميت گلشن حديد جي رهواسين وڏي تعداد ۾ قافلي جي آجيان ڪئي ان موقعي تي گهگهر ۽ گلشن حديد ۾ آجياڻن کي خطاب ڪندي جسقم ( آريسر ) جي سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور چيو ته سنڌ واڳوئن جي وات ۾ آهي جيڪي سندس وجود ۽ ويسلن کي ڳڙڪائي رهيا آهن پي هاڻ انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جا وارث جاڳي پيا آهن سنڌين پهنجا سڀ سک آرام چڏي پهنجي ڌرتي ماءُ ۽ پهنجي ڪارڪنن ڀائرن کي بچائڻ لاءِ 4 مارچ کان ڀٽ ڌڻي سان وچن ڪري ڪراچي ڏانهن پيرين پنڌ مارچ شروع ڪيو اهي هنن پانڌيئڙن جا پيرن مان رت پيو وهي پر هو گم ڪيل ڪارڪنن کي پڌرو ڪرن ۽ سنڌ جي ٻين قومي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي پهچي 4 مارچ تي سنڌين جي طاقت جو مظاهرو ڪنداسين هن مطالبو ڪيو ته رياستي ادارا گم ڪيل ڪارڪنن کي پڌرو ڪري عدالتن اڳيان پيش ڪن سورٺ لوهار چيو ته سنڌ جي گهرن ۾ سندن ڪونڌرن کي گم ڪرڻ خلاف ماتم مچيل آهي مائرون ۽ ڀينرون پهنجن پيارن لاءِ واجهائي رهيون آهن پر هن رياست جي حڪمرانن کي اقتدار ۽ طاقت جو نشو آهي جيڪي گم ڪيل سنڌي ماڻهن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن هن چيو ته جبر وسيلي سنڌين ڪڏهن به جهڪائي نٿو سگهجي پهنجي ڀائرن سان سنڌي عورتون هي ميدان تي جدوجهد م گڌ آهن ايس يو پي جي اعجاز سامٽيو چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي جنهن جي ڳوٺن ،زمين ۽ وسيلن تي ولار ڪري ڪراچي کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سڄي سنڌ ان سازش خلاف اٿي پئي آهي هاڻ اهو يقين ٿين لڳو آهي ته سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي هن چيو ته 4 مارچ تي سڄي سنڌ سميت ڪراچي جا سمورا سنڌي ڪراچي پريس ڪلب پٽ گڌ ٿي سنڌ جي مالڪي ڪندا ان موقعي تي صالح آريسر ،بلاول راڄڙ، اشرف بهليم، جمن حمائتي، ڪامران مري، مشتاق لغاري ۽ بين خطاب ڪيو قافلو رات گلشن حديد رهي اڄ ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن روانو ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *