اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چار سالن دوران اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور ترين ٿي، جنهن سان نواز شريف جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان اچن ٿا، مخالف ڌر پرڏيهي وزير جي مقرري جو مطالبو ڪندي رهي پر ڪنهن به مطالبي تي ڪن نه ڏنو ويو، عابد شير علي کي به جيڪڏهن پرڏيهي وزير بڻايو وڃي ها ته اسان ان کي به تسليم ڪريون ٿا، قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي پاليسي بابت سڏايل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽرمپ جي بيان تي عيد کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو وڃي، آمريڪي صدر جي بيان جي وڏي اهميت آهي، اسان جي لاڳاپو ڀلي ڪهڙي به سياسي پارٽي سان هجي پر اسان پهرين پاڪستاني آهيون، هي اسان جي سياسي ويڙهه آهي، جذبات ۾ اچي توپون ناهن کڻڻيون، اسان کي تاريخ سامهون رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن.