اسلام آباد(بيورو) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير ڊاڪٽر مليحه لودهي چيو آهي ته جديد هٿيارن جي خريداري سان ڀارت خطي ۾ طاقت جو توازن بگاڙي رهيو آهي.هٿيارن جي روڪٿام تي ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ڪميٽي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت جون عسڪري ۽ جارحانه پاليسيون ان جي انتها پسند رويي جي عڪاسي آهن.هن چيو ته ڀارتي جارحانه عزم خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته پلوامه واقعي کان پوءِ ڀارتي جارحيت ۽ بنا ڪنهن بنياد جي پاڪستان تي حملو ناپاڪ ڀارتي عزمن جو ثبوت آهي.مليحه لودهي چيو ته ڪشمير ۾ ڏاڍ وڌائڻ جي لاءِ ڀارت جي تازن غيرقانوني قدمن خطي مٿان سخت خطرا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڊگهي امن جو خواهشمند آهي ته جيئن عوام جي فلاح ۽ بهبود تي ڌيان ڏئي سگهجي.