اسلام آباد: (بيورو) پيپلز پارٽي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي وڊيو تڪرار تي سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته عدليا جي ساک تي سوال ڏکوئيندڙ آهي، سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج جي وڊيو ليڪ ٿيڻ تي کليل ٻڌڻي ڪري.هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضي جون حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪري ٿي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو روح ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انصاف جو منتظر آهي.هن چيو ته جسٽس (ر) نسيم حسين شاهه جو اعتراف رڪارڊ تي موجود آهي ۽ جسٽس (ر) عبدالقيوم جي ڳالهه ٻولهه ظاهر ٿي چڪي آهي جڏهن ته نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال هڪ طرفي احتساب سان تڪراري ٿي چڪو آهي.سيڪريٽري جنرل پيپلز پارٽي نيئر بخاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته آزاد عدليا جو تصوير يقيني بڻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري نفيسا شاهه جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جي جج جي حوالي سان مريم نواز جو انڪشاف اکيون کوليندڙ آهي، نيب کانپوءِ احتساب عدالتن جي ساک سواليا نشان بڻجي وئي آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان حوصلو ڪري اڃان ته پارٽي شروع ٿي آهي.