جج محمد بشير کان شريف خاندان خلاف باقي ٻن ريفرنسز کان الڳ ٿيڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو) نواز شريف جي وڪيل احتساب عدالت جي جج محمد بشير کان شريف خاندان خلاف باقي ٻن ريفرنسز کان الڳ ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ته پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضياءُ عدالت ۾ پيش ٿيو. نواز شريف ۽ مريم نواز پنج ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي پر عدالت ٽن ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. نواز شريف طرفان ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جج محمد بشير کان ٻنهي ڪيسن کان الڳ ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. خواجا حارث جج محمد بشير کي چيو ته هڪ ڪيس ايون فيلڊ ۾ توهان فيصلو ڏئي چڪا آهيو، العزيزيه ۽ فليگ شپ کان الڳ ٿي وڃو، توهان ان معاملي تي سپريم ڪورٽ کي لکو، اسان ته چاهيون ٿا ته سمورن ريفرنسز جو فيصلو گڏ اچي. جج محمد بشير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي وڌيڪ حڪمن جي  لاءِ خط لکندس،  ريفرنسز جو فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ مان مليل مدو به ختم ٿي رهيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن اهائي عدالت ٻين ريفرنسز تي ٻڌڻي جاري رکي ٿي ته اسان کي اعتراض ناهي. عدالت العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ مهلت اڄ ختم ٿي ويندي. مقرر مدي تائين ٽن مان رڳو 1 ايون فيلڊريفرنس ئي مڪمل ٿي آهي جڏهن ته العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس اڃان به احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. احتساب عدالت سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ وقت جي لاءِ درخواست ڪري ڇڏي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جج محمد بشير نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 ۽ ڪيپٽن صفدر کي 1 سال جي سزا ٻڌائي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *