اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چونڊيل چيف جسٽس آصف سعيد کوسا وڪيلن جي هڙتال واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جج ته عدالتن ويهي انتظار ڪري رهيا آهن ته سائل اچن ۽ اسان انصاف ڪيون پر وڪيلن ئي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اسلام آباد جي ماتحت عدالتن خلاف وڪيلن جي هڙتال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جا جج انتظار ڪري رهيا آهن ته سائل اچن ته انهن کي انصاف ڏيون پر وڪيلن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.جنهن تي ايڊووڪيٽ عادل عزيز قاضي چيو ته اسلام آباد جي نئي چونڊيل ڊسٽرڪٽ بار هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي.ان تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اوهان هڙتال ختم نه ڪئي آهي پر گھٽ ڪري ڇڏي آهي، اخبار ۾ پڙهي رهيو هيس ته اڱاري ۽ جمعي تي هڙتال ٿيندي، جسٽس آصف سعيد کوسا اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو. لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايل جي سي پي) جي انگن اکرن موجب تقريبن 38 هزار 2 سئو 91 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن جن مان هر مهيني هڪ هزار ڪيسن جي واڌ ٿي ويندي آهي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ عدالتن جي وڪيلن سيشن ڪورٽ جي ججز جي روٽيشن جي معاملي تي ڊسمبر 2018 کان هڙتال تي آهن.