جتي ڪيترن ئي عدالتي فيصلن تي اسان تنقيد ڪيون ٿا اتي ڪيترن ئي فيصلن ۾ ادارن کي طاقت به ملي ٿي : سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪچي آبادي ۽ سنڌ جي مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جتي ڪيترن ئي عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪيون ٿا اتي ڪيترن ئي فيصلن ۾ ادارن کي طاقت به ملي ٿي ۽ اسان انهن کي ساراهيون ٿا، اسان ڪراچي مان حددخلين جي عدالتي فيصلي کي صدر يا مخصوص علائقن تائين محدود نه پر سڄي شهر ۽ صوبي ۾ لاڳو ۽ گهٽ وقت تائين نه ٿئي اهو به چاهيون ٿا. اسان اهڙن قدمن ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ڪوششن جي به ساراهه ڪيون ٿا ۽ جتي غلطي يا زيادتي ٿي آهي ان جو ازالو به ڪنداسين. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ انهن دڪانن جي متاثرن بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ اسان انهن جي روزگار لاءِ قدم کڻنداسين. ان آپريشن جو سياسي هجڻ جو تاثر بلڪل غلط آهي ڪراچي ۾ قانون ئي نه پر غير قانوني اڏاوتن سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن ۽ انهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سخت حڪم ڏنا ويا آهن. شهر ۾ جيڪا غير قانوني اڏاوت قائم ٿي، ماڻهو اتي رهائش ڪري رهي اآهن انهن کي ٽوڙڻ ممڪن نه آهي پر وڌيڪ اهڙيون ئي عمارتون جيڪي تيار آهن انهن ۾ رهائش ناهي انهن جي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي جنهن کي اڃا وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي ۽ ان جي منصفاڻي ورڇ لا3 قدم کنيا پيا وڃن سئو سيڪڙو مان دعويٰ نه پيو ڪيان پر گهڻي ڀاڱي بهتري اچي وئي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميمبر سيد عبدالرشيد پاران پيش ڪيل پرائيويٽ قرارداد جي جواب ۽ ان کانپوءِ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير عبدالرشيد پاران لياري ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي پرائيويٽ قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته اهڙن علائقن ۾ جتي جڳهه جي کوٽ هجي يا قانون موجب اتي ڊگهين عمارتن جي اڏاوت جي اجازت نه هجي اتي ته قانون آهي ته عمارتون نه ٿيون ٺهي سگهن پر اهو چوڻ ته ڪنهن مخصوص علائقي ۾ يا سڄي شهر ۾ بلڊنگ جي عمارتن تي پابندي لڳائڻ قانون جي خلاف آهي. هن چيو ته اسان اڏاوت روڪڻ جي حق ۾ ناهيون پر ان کي قانوني طور تي بنائڻ جي حق ۾ آهن هن چيو ته مسئلا قانوني عمارتن سان نه پر غيرقانوني عمارتن سان پيدا ٿين ٿا ۽ اڄ شهر ۾ جيڪڏهن مسئلا آهن ته ان جا ذميوار ماضي ۾ اهي ذميوار آهن جن بنا اجازت جي شهر ۾ ڊگهين عمارتن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي سعيد غني چيو ته مان پنهنجي وزارت جو قسم کڻڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي شهر ۾ سموريون غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت کي روڪڻ ۽ انهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن ۽ اهو آپريشن روزاني جي بنياد تي ايس بي اي سي اي ڪري رهيو آهي ۽ اسان اهڙيون عمارتون جن ۾ ماڻهو نه ٿا رهن انهن کي ڊاهي پٽ ڪري سگهون ٿا پر اهڙيون عمارتون جيڪي ما ماضي ۾ وڏي انگ ۾ ٺاهيون ويون ۽ هاڻي انهن ۾ ماڻهو آباد آهن انهن کي ڊاهي نه ٿا سگهون. صوبائي وزير معزز اپوزيشن ميمبر کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي قرارداد واپس وٺي ۽ مان کيس يقين ڏياريان ٿو ته شهر ۾ هاڻي ضابطي جي خلاف ڪا به اڏاوت نه ٿيندي ۽ جن جن علائقن ۾ ڊگهين عمارتن جي اڏاوت ممڪن ناهي اتي اها تعمير نه ٿيڻ ڏني ويندي ۽ ان ڏس ۾ هي سڄو ايوان به مون سان ساٿ ڏئي. جنهن کانپوءِ ميمبر پنهنجي قرارداد واپس وٺي ڇڏي. اسيمبلي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اڄ مخالف ڌر جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي پاران هڪ نامناسب قرارداد پيش ڪئي وئي ۽ ان جي مخالفت تي هن ايوان جي ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته اقليتي ويلفيئر جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏيڻ ممڪن ناهي هن چيو ته هن ڪميٽي ۾ چونڊيل ايم اين اي ۽ سينيٽر آهن چونڊيل ميمبرن کي غيرقانوني مقرر قرار ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه آهي هڪ سوال تي هن چيو ته اصل ۾ اپوزيشن جا ميمبر اهو چاهين ٿا ته ان ڪميٽي جي ميمبرن سندن مرضي ۽ ان جي پارٽي کان ورتي وڃي ڇو ته هي انهن جو نه پر حڪومت جو استحقاق آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *