جبلن جوعالمي ڏينهن
December 12, 2024 at 11:46 pmدنيا جي ڪينواس تي ڪيترائي خوبصورت رنگ اکين کي آسيس ڏيندڙ منظر درياءَ، سمنڊ، آبشار ۽ جبل فطرت جا شاهڪار اکين جي ڪيمرا ۾ قيد ٿي ويندا آهن. انهن شاهڪارن کي ڏسي، انهن کي جوڙيندڙ جي ڪاريگري تي دماغ دنگ رهجيو ٿو وڃي، قدرت جي اهڙن ئي شاهڪار تخليقن ۾ جبل پڻ شامل آهن.
تازو يارنهن ڊسمبر تي دنيا ۾ جبلن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. پاڪستان جو شمار به انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ فطرت جا خوبصورت ۽ منفرد جبل موجود آهن، جن ۾ ڪي ٽو دنيا جو ٻيو نمبر بلند ترين جبل آهي جيڪو 8,116 ميٽر اوچو آهي، هماليه جبلن جي سلسلي جي اھم چوٽي ناگا پربت پاڪستان جو نائون بلند ترين جبل آهي، جيڪو خطرناڪ چڙھائي سبب "قاتل جبل” جي نالي سان پڻ مشهور آهي ۽ هندوڪش جبلن جو سلسلو خيبرپختونخواه جي چترال واري علائقي تائين پکڙيل آهي، تخت سليمان بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي وچ ۾ آهي، خضر ۽ ڪوٽيا جي جبل بلوچستان جي علائقي ۾ آهن، جيڪي شڪل ۾ صحرا جو منظر پيش ڪن ٿا، ڪاغان ۽ سوات جا جبل خوبصورت منظرن جي حوالي سان مشهور آهن، جتي هر سال اونهاري ۾ لکن جي تعداد ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي سياح گهمڻ اچن ٿا ۽ جبلن جي فطري سونهن پسي سڪون حاصل ڪن ٿا. پاڪستان ۾ 8,000 ميٽر کان مٿي جبل موجود آهن، انهن علائقن ۾ بالتور گليشيئر سميت ڪيترا ئي گليشيئر پڻ موجود آهن، پاڪستان جا جبل ٽريڪنگ، ٽورزم ۽ مهم جوئي لاءِ عالمي سطح تي مشهور آهن.
اهڙي طرح سنڌ جا جابلو سلسلا به تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان مالا مال آهن، ڪراچي کان ڪوهستاني علائقن تائين ڪيترائي جابلو سلسلا موجود آهن، جن ۾ گورک هل اسٽيشن، کير ٿر، نگر پارڪر مشهور آهن. کير ٿر سنڌ جو سڀني کان اهم جابلو سلسلو آهي، ڪراچي کان وٺي بلوچستان تائين پکڙيل آهي، کير ٿر قدرتي وسيلن سان مالا مال علائقو آهي، جنهن ۾ ناياب جاندار ۽ نباتات موجود آهن پر ساڳئي وقت انساني جياپي جي مختلف وسيلن جو سبب پڻ آهن، پاڻي، ،هوا، زميني سرسبز قدرتي وسيلن جو جبل بنيادي ذريعو آهن.
جيئن تـ جبل ڌرتي جي ايڪالاجي ۽ ماحول سان گڏ مختلف قدرتي وسيلن جو بنيادي ذريعو ھجڻ جي باوجود ڏينھون ڏينهن تباھي جو شڪار ٿيڻ سببان 2003 ۾ گڏيل قومن پاران 11 ڊسمبر جبلن جو عالمي ڏينهن طور مقرر ڪيو ويو تـ جيئن ماڻهن ۾ جبلن جي افاديت بابت شعور ۽ آگاهي عام ڪئي وڃي تـ جبلن جي انساني توڙي جنگلي جيوت، ڌرتي، ھوا پاڻي لاءِ ڪيترا مفيد ۽ ڪارآمد آهن. بدقسمتي سان انساني لاپرواهي ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري جبلن جو قدرتي حسن متاثر ٿي رهيو آهي، انهن ۾ خاص ڪري سنڌ جي جابلو سلسلن جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي، جبل ڌرتي جو اهو اثاثو آهن جيڪي ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۾ مددگار آهن، 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نديون جبلن مان نڪرنديون آهن، جيڪي زرعي، صعنتي توڙي گهريلو استعمال لاءِ پاڻي فراهم ڪن ٿيون، ان کان سواءِ جبلن ۾ موجود وڻ، ٻوٽا، گاھ ۽ معدنيات انسان توڙي جاندار جي ضرورت پوري ڪن ٿا، جن علائقن ۾ جبل آهن اتي جي معيشت کي سياحن جي اچڻ سان وڏي ھٿي ملي ٿي.
دادو ضلعي جو گورک هل اسٽيشن سنڌ جو مشهور ٿڌو مقام آهن جتي جيڪڏهن حڪومت ڌيان ڏئي ۽ روڊ رستن جون سهولتون مهيا ڪري ته اتي جي مقامي ماڻهن جي معاشي حالت سڌرڻ سان گڏو گڏ ملڪي معيشت کي به فائدو رسي سگهي ٿو، سهولتن جي اڻ هوند ڪري هن طرف سياح تمام گهٽ وڃن ٿا، حڪومت جي توجهه نه هجڻ ڪري هڪ خوبصورت ماڳ ويران لڳو پيو آهي، ٻئي طرف نگر پارڪر جو جابلو علائقو جيڪو هندستان جي جابلو سلسلن سان لڳندڙ تاريخي جبل آهي، جتي سنڌ جي قديم تهذيب جا اهڃاڻ پڻ موجود آھن، جن ۾ جين مذهب ۽ ٻڌ مذهب جا قديم تاريخي مندر توڙي آسٿان تاريخي ورثي جي حيثيت رکن ٿا سي لاڳاپيل کاتن جي بي ڌياني جي ڪري زبون حالت ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪ پنهنجي قديم تاريخي ورثن جي سار سنڀال سان گڏ انهن جي حفاظت پڻ ڪندا آهن، پر نگر پارڪر ۾ قديم مندرن جون خوبصورت عمارتون جهڙوڪر ختم ٿي ويو آهن، ٻئي طرف نگر پارڪر جو جبل پڻ وقت به وقت ڪٽيو ويو آهي، جتي ڪيترائي پکين جا قسم هرڻ، مور جهڙا خوبصورت پکي به گهٽجندا وڃن ۽ جبلن ۾ وڻن جي ڪٽائي سبب اهڙا خوبصورت جبل پنهنجي فطري سونهن وڃائي رهيا آهن، حڪومت سنڌ جي جبلن جي سارسنڀال ڪري ته ڪيترائي مقامي ماڻهو بهتر روزگار سان لڳي وڃن ۽ نه صرف بيروزگاري گهڻي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي پر ملڪي معيشت تي به سٺا اثر پئجي سگهن ٿا، غلط پاليسين جي ڪري جابلو علائقن جا ماڻهو وڌيڪ بک بدحالي جو شڪار آهن، ماحولياتي ادارن کي گهرجي ته هو نه صرف جبلن جي ڪٽائي کي روڪرائين پر جبلن ۾ وڻ ٻوٺا لڳرائين ۽ ماڻهن ۾ جبلن جي افاديت جي باري ۾ عام ماڻهن ۾ معلومات به ڏين. سياحت لاءِ جبلن ۾ روڊ رستا ۽ رهائش جهڙيون سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن.