جاپان نئين ويزا پاليسي تحت پرڏيهين لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏيا

ٽوڪيو (م ڊ) جاپان جسماني قوت جي کوٽ سبب پرڏيهي محنت ڪشن لاءِ نئين ويزا پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. لکين بليو ڪالر ملازمتن جي ڳولا ۾ اهي نوان قانون نافذ ڪيا ويا آهن. جاپان جي واپاري برادري ان حڪومتي فيصلي ۽ ويزا جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ نرمي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي ڪيترن جاپاني شهري ان کي حڪومتي غلطي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙيءَ ريت ملڪي شهرين جون ملازمتون، سماجي  برابري ۽ قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب جاپان طرفان متعارف ڪرايل نئين ويزا پاليسيءَ جا ٻه ويزن آهن ۽ ٻنهي ۾ ئي درخواست گذارن لاءِ ڪنهن جاپاني ڪمپني جو اسپانسر ليٽر حاصل ڪرڻ ضروري آهي. امڪاني ملازمن کي لازمي امتحان به پاس ڪرڻا پوندا، جن ۾ جاپاني ٻولي جو امتحان به شامل آهي. پهرين قسم جا  ويزا انهن پرڏيهين کي فراهم ڪيا ويندا، جيڪي فوڊ سروسز، صفائي، تعميرات، زراعت، مڇي مارڻ، گاڏين جي مرمت ۽ صنعتي مشينري آپريشن جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ چاهن ٿا. اها ويزا محدود مهارت رکندڙ پرڏيهين لا۽ هونديون. پهرين قسم جي ويزن جو مدو پنجن سالن تائين هوندي ۽ ويزن جي ٻيهر بحالي به ممڪن هوندي. اهڙا سڀئي پرڏيهي ملازم پنهنجي گھرڀاتين کي جاپان گھرائڻ جا اهل نه هوندا. پر جن هنر رکندڙ ماڻهن کي ٻئي قسم جا ويزا ڏنا ويندا، اهي مخصوص معيارن تي پورو لهڻ کان پوءِ پنهنجي گھرڀاتين کي جاپان گھرائي سگھندا. ان سبب ڪيترائي جاپاني شهري وزيراعظم شينزو آبي جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. هنن موجب ائين ڪرڻ جاپان ۾ پرڏيهين لاءِ مستقل رهائش جا در کوليا ويا آهن. واضح رهي ته جاپان ۾ انساني طاقت جو مسئلو چويهه ڪلاڪ کليل اسٽورن کي ڏسي وڌيڪ واضح ٿي ويندو آهي. جسماني طاقت جي کوٽ سبب اهڙن اسٽورن جي مالڪن کي سخت ڏکيائين سان منهن  ڏيڻو پيو آهي ڇو ته فرنچائز معاهدن تحت هنن کي لازمي طور تي 24 ڪلاڪ سروس فراهم ڪرڻي پوندي آهي. مبصرن موجب جاپان کي گھٽي آٽوميشن ۽ روبوٽس جي مدد سان به ماڻهن جي کوٽ سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان نئين اڳڀرائي کي جاپان لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس به قرار ڏنو پيو وڃي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *