جان کي خطرو آهي: ڊاڪٽر عاصم بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ)پيٽروليم بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. اربين رپين جي ڪپرشن ۽ دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ڦاٿل ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس سر کي خطرو آهي. هن پنهنجي سيڪيورٽي وڌائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين درخواست ۾ چيو آهي ته 20 اپريل تي بوٽ بيسن لڳ 2 شڪي گاڏين سندس پيڇو ڪيو تنهن هوندي ٻئي گاڏيون بعد ۾ غائب ٿي ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *