تڪراري جي آءِ ڊي سي آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو: وزيراعظم جي اٽارني جنرل کي سُپريم ڪورٽ سان جلد رابطي جي هدايت

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي آءِ ڊي سي آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده تڪرار تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان موجب وزيراعظم اٽارني جنرل آف پاڪستان کي جي آءِ ڊي سي معاملي تي جلد سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته جي آءِ ڊي سي معاملي تي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي. ترجمان جو چوڻ هو ته وزيراعظم عوام کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سان معاملي تي مخالفت ۾ به فيصلو اچڻ جو خطرو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *