اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري کي توهين عدالت جو ڏوهاري قرار ڏيندي عدالت جو وقت ختم ٿيڻ تائين قيد ۽ هڪ لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو ممڪلتي وزير طلال چوڌري کي آرٽيڪل 63 ون جي تحت توهين عدالت جو ڏوهاري قرار ڏيندي عدالت جو وقت ختم ٿيڻ تائين قيد ۽ هڪ لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ طلال چوڌري پنجن سالن لاءِ نااهل ٿي ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار عدليه مخالف تقرير تي مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري کي پهرين فيبروري تي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو هو، جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت جو فيصلو 11 جولاءِ تي محفوظ ڪيو هو. توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ دانيال عزيز به نااهلي جي سزا ڀوڳي چڪا آهن.