توهين عدالت ڪيس ۾ دانيال عزيز کي دفاع ۾ وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ وفاقي وزير دانيال عزيز کي دفاع ۾ وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ وفاقي دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي سلسلي ۾ ڊي جي پيمرا حاجي آدم شاهد طور پيش ٿيو ۽ هن بيان ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽي وي تي هلندڙ پروگرامن جي مانيٽرنگ ڪرڻ منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي، 8 سيپٽمبر تي دانيال عزيز پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، 19 ڊسمبر 2017ع تي دانيال عزيز توهين جوڳو بيان ڏنو. ڊي جي پيمرا دانيال عزيز جو 8 سيپٽمبر ۽ 15 ڊسمبر 2017ع جي وڊيو ڪلپ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته مون کي شڪ آهي ته 19 ڊسمبر واري ڪلپ 2 ڏينهن تائين ٽي وي تي هلندي رهي. دانيال عزيز جي وڪيل علي رضا ڊي جي پيمرا کان آڏي پڇا ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي ته 15 ڊسمبر  جيخانگي ٽي وي چينل جي ڪلپ عدالت ۾ هلائي وڃي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو نه ٿي ته دانيال عزيز تي هڪ وڌيڪ فرم لاڳو نه ڪرڻو پئجي وڃي، هن دانيال عزيز جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته علي رضا سوچي وٺو. عدالتي ڪمري ۾ دانيال عزيز جي وڊيو ڪلپ هلائي وئي جنهن تي شاهد ڊي جي پيمرا چيو ته ان وڊيو جي تصديق نه ٿو ڪري سگهي. عدالت ۾ شاهد جو بيان قلمبند ٿيڻ بعد دانيال عزيز جي وڪيل چيو ته پنهنجي اصيل طرفان دستاويز ۽ نيوز آئٽم پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرائڻ ۽ تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت دانيال عزيز کي دفاع ۾ وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *