توهين عدالت ڪيس: طلال چوڌري جي وڪيل جي عدالت کان معاملو درگذر ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران طلال چوڌري  جي وڪيل معاملي کي درگذر ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. تفصيل موجب جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. طلال چوڌري جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ ٻڌڻي دوران اپيل ڪندي چيو ته عدالت معاملي کي درگذر ڪري ڇڏي، توهين عدالت ڪيس ۾ دفاع ڪرڻ سٺو ناهي لڳندو. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته توهان ڪيس ورتو آهي ته ان کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ ڪنهن قسم جي شرمندگي محسوس نه ڪيو، اسان جو مقصد رڳو قانون تي عملدرآمد ڪرڻ آهي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته اهو ڪيس عاصمه جهانگير جو هو پر مون کي وراثت ۾ مليو آهي، توهين عدالت ڪيس ۾ وڪيل طور پيش ٿيڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته توهان پروقار طريقي سان پنهنجو ڪيس وڙهو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *