توهين عدالت ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي آهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد(بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪنهن شريف ماڻهو کي گهيلڻو آهي ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏيو، اهو سلسلو بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻجي ويو آهي.نجي ٽي وي مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 166 تي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا زاهد حسين خلاف توهين عدالت ۽ جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪئي. راڻا زاهد حسين ۽ راڻا آفتاب جا وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا. راڻا زاهد خلاف درخواستگذار جي وڪيل موقف ڄاڻايو ته راڻا زاهد حسين جعلي ڊگري تي 3 اليڪشنن ۾ وڙهيو آهي، هن 2002، 2007ع ۽ 2013ع جي اليڪشن جعلي ڊگري تي وڙهي، بلوچستان يونيورسٽي به ان جي ڊگري کي جعلي قرار ڏئي چڪي آهي.درخواستگذار  جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي الطاف ابراهيم قريشي رمارڪس ڏنا ته توهان آرٽيڪل 524 کي ناهيو ڏسندا ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ پڙهيو، توهان اليڪشن ڪميشن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت واري درخواست ڏني، ڇا توهان کي ڄاڻ ناهي ته هتي ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي؟ توهان دٻاءُ وجهڻ لاءِ توهين عدالت ۽ آءِ سي اي به داخل ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته مڃان ٿو ته اليڪشن ڪميشن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ غلط هو.چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته توهين عدالت هڪ ته بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻجي ويو آهي، جڏهن به ڪنهن شريف ماڻهو کي گهيلڻو آهي ته توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏيو. راڻا زاهد حسين جي وڪيل اپيل ڪئي ته اسان کي ٻن يا ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي، اليڪشن ڪميشن زاهد حسين جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آڻڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *