توهين عدالت جي درخواست تي نوازشريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين ن ليگي اڳواڻن کي نوٽيس جاري

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي نوازشريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين ن ليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. لاهور هائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، ناٺي ڪيپٽن صفدر، راڻا ثناءُ الله ۽ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس شاهد ڪريم ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته جڙانوالا جلسي ۾ نوازشريف، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻ عدليا خلاف تقرير ڪئي، عدالت کي استدعا آهي ته نواز ليگ اڳواڻن خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت توهين عدالت جي درخواست تي نوازشريف ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته بار بار درخواستون نه ڏيو، هڪ ئي درخواست ڪافي آهي، عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد نوازشريف، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *