اسلام آباد( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت صديقي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد شايع ڪرڻ جي معاملي ۾ جيڪڏهن وزيراعظم کي به طلب ڪرڻو پيو ته ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد شايع ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڪئي. حڪومت طرفان اسپيشل سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته حڪومت سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد جي مشهوري ڪندڙ جوابدارن جي واپسيءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن. اسپيشل گهرو سيڪريٽري چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت طرفان ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ توهين رسالت جي سمري به تيار ڪئي وئي آهي جلد وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي. عدالت گهرو وزارت جي آفيسرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي توهين رسالت بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿيو آهي، گهرو وزارت معاملي جي حل لاءِ حساس ادارن جون خدمتون به حاصل ڪري سگهي ٿي پر لڳي ٿو ته حڪومت تي عالمي دٻاءُ آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کان جامع رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.