اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام پوري طرح محسوس ڪري رهيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو موقف بلڪل صحيح آهي، توهان جيترو ظلم ڪندا، عوام ايترو ئي مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏيندو.احتساب عدالت ۾ مختصر پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان جي اميدوار کان شينهن جو نشان به کسيو ويو ۽ ڪالهه سرگوڌا ۾ به اسان جي اميدوار ڪنهن ٻئي نشان تي چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، ڇا نشان کسڻ سان هي اسان جو نشانو ميساري ڇڏيندا.اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توهان جيترو ظلم ڪندا، عوام ايترو ئي مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏيندو، عوام محسوس ڪري پيو ته مسلم ليگ (ن) جو موقف بلڪل صحيح آهي ۽ هاڻي مان نٿو چوان، عوام چوي ٿو ته ووٽ کي عزت ڏيو. هن چيو ته بنا ڪنهن سبب جي وزيراعظم کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويو، چونڊيل وزيراعظم کي ائين ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ عوام هاڻي برداشت نه ڪندو.نواز شريف چيو ته جيڪو ظلم برداشت ڪندو رهي ٿو ۽ ظلم خلاف نٿو اٿي بيهي، اهو سڀ کان وڏو ظالم آهي، اسان کي غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻو آهي، ملڪ جا ايندڙ 70 سال گذريل 70 سالن وانگر نه گذرڻ گهرجن.