توشه خانه ريفرنس ۾ آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم، نواز شريف اشتهاري قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.توشه خانه مان تحفي ۾ گاڏيون وٺڻ جي ريفرنس ۾ آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني سميت 4 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.احتساب عدالت نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ نواز شريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ٿي وئي ۽ پراپرٽي جا تفصيل طلب ڪيا ويا.اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم سميت چئني جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ 24 سيپٽمبر تي نيب شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.نواز شريف ۽ آصف زرداري تي تحفن ۾ مليل گاڏيون ذاتي استعمال ۾ وٺڻ ۽ يوسف رضا گيلاني تي گاڏيون ڏيڻ جي سمري منظور ڪرڻ جو الزام آهي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻن وزيراعظمن نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت راولپنڊي ۾ ٿي.ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج اعظم خان چيو ته آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم لاڳو ڪيون ٿا.جج اعظم خان آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته توهان کي چارج شيٽ پڙهڻي آهي ته پڙهي وٺو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.يوسف رضا گيلاني جي وڪيل چيو ته وزيراعظم وٽ اختيار هوندو آهي ته سمري جي منظوري ڏئي، نيب اختيارن جي غلط استعمال جو غلط ريفرنس ٺاهيو.پوءِ يوسف رضا گيلاني پاڻ روسٽرم تي آيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته مان ڪڏهن رولز جي خلاف ڪو ڪم نه ڪيو، قانون موجب جيڪا سمري آئي ان کي منظور ڪيو، جيڪڏهن سمري غلط هجي ها ته موو ئي نه ٿئي ها.احتساب عدالت ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا ۽ 7 ڏينهن ۾ نواز شريف جي پراپرٽي جا تفصيل طلب ڪري ورتا.توشه خانه ريفرنس ۾ عبدالغني مجيد، انور مجيد تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو پر ٻنهي جوابدارن پڻ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *