توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي تي فردم جرم لاڳو
December 12, 2024 at 7:29 pmتوشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي تي فردم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ ڪئي.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي جيل ۾ موجود هئا.
اسپيشل عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند فرم جرم پڙهي ٻڌايو، جنهن بعد توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
توشا خانه ٽو ڪيس جي شروعاتي جاچ نيب ڪئي هئي ،نيب ترميمن جي روشنيءَ ۾ اهو ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ڪيو ويو