توشا خانا ٽو ڪيس: پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جون درخواستون خارج

اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستون رد ڪندي سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

اڊيالا جيل ۾ توشاخان ٽو ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد شاهه رخ ارجمند پهريان کان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي عدالت ۾ موجود نه هئي.

عدالت چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي سومر ڏينهن فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

عدالت توشاخانا ٽو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن تي فيصلو 8 نومبر تي محفوظ ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *