توانائي ڊويزن جي جِن آفيسرز رپورٽ جمع ڪرائي آهي، اُنهن کي ڦاهي ڏيڻ گهرجي:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ برسات سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي ڪلرڪ ۽ منشي بڻيل آهي، وفاق سان ڪهڙو مسئلو آهي، ڪي اليڪٽرڪ تي وفاق جي رٽ نه هجڻ جو مطلب سڄي ملڪ ۾ حڪومتي رٽ نه آهي، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توانائي ڊويزن جي جِن آفيسرز رپورٽ جمع ڪرائي آهي، اُنهن کي ڦاهي ڏيڻ گهرجي، وفاقي سرڪار ڪي اليڪٽرڪ کي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اسان چيو هو ته نيپراي ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي مسئلي جو حل ڪڍي اچن، پر ائين نه ٿيو، اڄ به ڪراچي شهر جو اڌ حصو پاڻي ۽ اونداهيءَ ۾ ٻڏل آهي، ڪراچي ۾ مال ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، پرڏيهي اڪائونٽس ۾ پئسا ويندا هوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *