تهران(م ڊ)بغداد ۾ آمريڪي هوائي حملي ۾ مارجي ويل قاسم سليماني جي جنازي جي نماز اڄ تهران ۾ ادا ڪئي وئي.القدس فورس جي سربراهه قاسم سليماني جي اڄ تهران ۾ جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي. نمازي جنازه ايراني سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي پڙهائي. جنرل سُليماني جي جنازي نماز ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ امريڪا خلاف نعرا هنيا ويا.جنرل سُليماني جي نياڻي پيغام ڏنو آهي ته امريڪا ۽ اسرائيل کي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو، ٽرمپ اهو نه سمجهي ته سندس والد جي قتل سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. رپورٽ موجب ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ امريڪي ڊرون حملي ۾ قتل ٿيل فوجي ڪمانڊر جنرل قاسم سُليماني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ايران جي سُپريم ڪمانڊر آيت الله خامنائي جنازي جناز پڙهائي، جڏهن ته صدر حسن روحاني، پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ قدس فورس جي نئين ڪندڙ سوڌو ٻيون شخصيتون جنازي نماز ۾ شريڪ هيون.جنرل قاسم سُليماني جي جنازي نماز جي موقعي تي رستا ۽ گهٽيون ڪارا وڳا پهريل ماڻهن سان ڀرجي ويون، جيڪي ايراني جهنڊو هٿن ۾ کڻي آمريڪا خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. جنرل سُليماني جو مڙهه اباڻي شهر ڪرمان ۾ دفنايو ويندو. ايراني صدر حسن روحاني جنرل سُليماني جي پونيئرن سان تعزيت بعد چيو ته امريڪا کي اندازو نه آهي ته اُن ڪيڏي سنگين غلطي ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي حملي ۾ قتل ٿيل جنرل قاسم سُليماني جي نياڻي زينت سُليماني آمريڪا ۽ اسرائيل کي سبق سيکارڻ جو پيغام ڏنو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن چيو ته آمريڪا ۽ اُن جي اتحادي اسرائيل کي سندس والد جنرل سُليماني جي قتل تي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو. ديواني ٽرمپ کي سمجهڻ گهرجي ته سندس والد جي قتل سان سڀ ڪجهه ختم نه ٿيو آهي.